دبئي-13 جنوري (اي پي پي)يورپين ٽور گالف جي انتظام هيٺ دبئي ڪلاسڪ اوپن گالف ٽورنامينٽ 16 جنوري کان گڏيل عرب امارات ۾ شروع ٿيندو. ٽورنامينٽ ڪامياب نموني منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن. اهو ٽورنامينٽ يورپين گالف ٽور جو هڪ مشهور گالف ايونٽ آهي جيڪو پهريون ڀيرو 1989ع ۾ کيڏيو ويو هيو. تڏهن ٻيٽ نما عرب ۾ منعقد ٿيندڙ پهريون يورپين ٽورنامينٽ ايونٽ هيو. ٽورنامينٽ 72 هولز تي کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ ۾ ٽينس جا مشهور رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. يورپين گالف جي ايونٽ ۾ ناردرن آئرلينڊ سان تعلق رکندڙ مشهور گالفر روري ڊينيئل ميڪلرائي پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو . ٽورنامينٽ لاءِ90 لک آمريڪي ڊالرن جي انعامي رقم رکي وئي آهي. 16 جنوري کان شروع ٿيندڙ اهو ٽورنامينٽ 4 جنوري تائين جاري رهڻ بعد 19 جنوري تي ختم ٿيندو.