آڪلينڊ-10 جنوري(اي پي پي)نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي مشتمل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 10 جنوري ڇنڇر تي آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي. ميزبان نيوزيلينڊ کي سريلنڪن ٽيم تي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل آهي، ڪيوي ٽيم پهرين ون ڊي ۾ آءِ لينڊرز کي 09 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻي ون ڊي ميچ ۾ 113 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ ميزبان نيوزيلينڊ ٽيم مهمان سريلنڪن ٽيم کي ٽن ٽي – 20 ميچن جي سيريز ۾ 1-2 تان شڪست ڏني هئي.سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه نيوزيلينڊ جي دوري تي آهي جتي ميزبان ٽيم خلاف ٽي – 20 ۽ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي. ٽن ٽي – 20 ميچن جي سيريز مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ ميزبان ٽيم آءِ لينڊرز کي 2-1 تان شڪست ڏني هئي. جڏهن ته ون ڊي سيريز جي ٻن ميچن ۾ ميزبان ٽيم ڪاميابي حاصل ڪري چڪي آهي.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 11 جنوري تي ايڊن پارڪ آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي.