هوبارٽ-08جنوري(اي پي پي) آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار سوفيا ڪينن ڊبليو ٽي اي ٽور جي ايونٽ اي ايس بي ڪلاسڪ ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي وئي آهي.26 سالن جي سوفيا ڪينن عورتن جي سنگلز مقابلن جي ٻي رائونڊ جي ميچ ۾ روس جي مخالف رانديگر اينا ولاديميروونا بلنڪوا کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي . هلندڙ سال جي پهرين گرينڊ سلم کان اڳ ڊبليو ٽي اي ٽينس ٽورنامينٽ ۾ آسٽريليا جي شهر هوبارٽ ۾ جاري آهي جنهن ۾ مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.