ڪينبرا-08 جنوري(اي پي پي) ڪرڪيٽ آسٽريليا ( سي اي) جي اهتمام هيٺ مينز بگ بيش ليگ ٽي – ٽوئنٽي جو 14هون ايڊيشن آسٽريليا ۾ جاري آهي جنهن ۾ مداحن کي انتهائي سخت ۽ دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ ۾ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو. ليگ جي 28هين ميچ ميلبورن اسٽارز ۽ سڊني سڪسرز جي ٽيمن وچ ۾ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ، ميلبورن ۾ کيڏي ويندي. بگ بيش ليگ مردن جو هڪ پيشيوراڻو ٽي – ٽوئنٽي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ آهي جنهن ۾ 8 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن. ٽورنامينٽ ڊبل رائونڊ روبن ۽ پلي آف سسٽم تي کيڏيو پيو وڃي. ٽورنامينٽ ۾ فائنل سميت ڪل 44 ميچون کيڏيون وينديون. ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ 27 جنوري 2025 تي کيڏيو ويندو.