ڍاڪا – 8 جنوري (اي پي پي ) بنگلاديش پريمئير ليگ (بي پي ايل ) جي يارهين ايڊيشن ۾ 9 جنوري خميس ڏينهن وڌيڪ ٻه ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ فارچيون باريشال ۽ رنگپور رائيڊرز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي . ٻي ميچ ۾ ڍاڪا ڪيپيٽلز ۽ چٽاگانگ ڪنگز جون ٽيمون مقابلو ڪنديون .بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل ) جا دلچسپ مقابلا بنگلاديش ۾ جاري آهن . جنهن ۾ سڄي دنيا جا مشهور ڪرڪيٽر پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاري رهيا آهن . بنگلاديش پريميئر ليگ جو فائينل 7 فيبروري تي کيڏيو ويندو.