ڪراچي- 07 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته ڪُرم ضلعي جي متاثر علائقن ۾ ڪروڙين رپين جون دوائون ۽ ٻيو امدادي سامان موڪليو ويو آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته وڌيڪ امدادي سامان به موڪليو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ڪرم ضلعي جي اڳواڻن جي 18 رڪني وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. گورنر چيو ته ڪرم ضلعي جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، گڏيل اتحاد ذريعي ٻاهرين سازشن کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت ڪرم ضلعي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ملاقات ۾ نفرت جي خاتمي ۽ امن امان برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو ويو. اڳواڻن دوائن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي تي سنڌ جي گورنر جو شڪريو ادا ڪيو.