ڪينبرا -07 جنوري (اي پي پي) انٽر نيشنل ٽينس فيڊريشن (آئي ٽي ايف) جي اهتمام هيٺ آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو 113 هون ايڊيشن 12 جنوري کان آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ شروع ٿيندو . ٽورنامينٽ انتظاميا موجب ميگا ايونٽ ڪامياب نموني منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون هاڻي کان ئي شروع ڪيون ويون آهن. آسٽريلين اوپن ٽينس جو 113 هون ايڊيشن جڏهن ته اوپن ايرا ۾ 57 هون ۽ هلندڙ سال جو پهريون گرينڊ سلم هوندو جيڪو ميلبورن پارڪ ۾ 12 جنوري کان شروع ٿيندو ۽ 26 جنوري تائين کيڏيو ويندو. هارڊ ڪورٽ تي کيڏجندڙ ميگا ايونٽ ۾ مينز سنگلز، مينز ڊبلز، ويمنز سنگلز، ويمنز ڊبلز، مڪسڊ ڊبلز کانسواءِ جونيئر ۽ وهيل چيئر رانديگرن جي سنگلز ۽ ڊبلز ڪيٽيگريز جا مقابلا ٿيندا. گذريل سال وانگر ٽورنامينٽ لاءِ لکين اسپانسرز ” ڪيا“ ڪمپني آهي. اٽلي جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ون جينڪ سنر ۽ بيلا روس جو مشهور ٽينس اسٽار نوويڪ جوڪووچ يارهون ڀيرو ٽائٽل لاءِ ميدان ۾ لهندا. 36 سالن جو سربيا جو ٽينس اسٽار نوويڪ جوڪووچ ڪيريئر ۾ سڀ کان وڌيڪ 24 گرينڊ سلم ٽائيٽلز پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.