آڪلينڊ -02 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ميڊيسن ڪيز ڊبليو ٽي اي ٽور جي ايونٽ اي ايس بي ڪلاسڪ ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي وئي آهي. ڊبليو ٽي اي ٽينس ٽورنامينٽ نيوزيلينڊ جي مشهور شهر آڪلينڊ ۾ شروع ٿي چڪي آهي جنهن ۾ مداحن کي ٽينس جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. 29 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ميڊيسن ڪيز نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ اي ايس بي ڪلاسڪ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي ٻي رائونڊ ۾ رومانيا جي مخالف رانديگر جيڪولين ايڊينا ڪرسٽيان کي شڪست ڏني. نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ جي اي ايس بي ٽينس سينٽر ۾ کيڏيل ڊبليو ٽي اي ايونٽ جي ٻي رائونڊ ۾ آمريڪي ٽينس اسٽار ميڊيسن ڪيز بهترين راند پيش ڪندي مخالف رانديگرياڻي جيڪولين ايڊينا ڪرسٽيان کي نه صرف اسٽريٽ سيٽس ۾ 1-6 ۽ 2-6 تا شڪست ڏني پر ڪوارٽر فائينل لاءِ به ڪواليفاءِ ڪيو آهي. ميڊيسن ڪيز جو ڪوارٽر فائينل ۾ مقابلو ڊينمارڪ جي ڪلاراٽاسن سان ٿيندو.