سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي ميزباني ھيٺ ٻن ڏھاڙن واري عالمي ڪانفرنس پڄاڻي تي پھتي، تجويزُون پيش

حيدرآباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي ميزباني ھيٺ ٻن ڏھاڙن واري عالمي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهچي وئي، ماھرن سنڌ ۾ سي پيڪ منصوبن تحت زراعت ۽ مال پالڻ جي جديد ڪاري لاءِ ڪوششون جاري رکڻ، موسمياتي ذهانت واري طريقن سان خوراڪ جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ سميت سي پيڪ جي ساحلي روٽ تي زميني پاڻي جي معيار جو جائزو جُون جُون تجويزُون پيش ڪري ڇڏيون …

حيدرآباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي ميزباني ھيٺ ٻن ڏھاڙن واري عالمي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهچي وئي، ماھرن سنڌ ۾ سي پيڪ منصوبن تحت زراعت ۽ مال پالڻ جي جديد ڪاري لاءِ ڪوششون جاري رکڻ، موسمياتي ذهانت واري طريقن سان خوراڪ جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ سميت سي پيڪ جي ساحلي روٽ تي زميني پاڻي جي معيار جو جائزو جُون جُون تجويزُون پيش ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد ۽ چين جي شيان جياوٽونگ يونيورسٽي جي سھڪار سان “سي پيڪ توانائي جو ڍانچو ۽ سماجي-اقتصادي تبديليون، چئلينجز، موقعا ۽ پائيدار ترقي” واري عنوان تحت ٻن ڏھاڙن واري ڪانفرنس پنھنجي پڄاڻي تي پھتي.

ڪانفرنس جي پڄاڻي تي مختلف ويهڪن کانپوءِ ماهرن پاران سفارشون پيش ڪيون ويون، جن ۾ سنڌ ۾ سي پيڪ منصوبن تحت زراعت ۽ مال پالڻ جي جديد ڪاري لاءِ ڪوششون جاري رکڻ، موسمياتي ذهانت واري طريقن سان خوراڪ جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ، سولر نظام تحت آبپاشي ۽ بائيوگيس جهڙن توانائي حلن جي واڌاري تي ڪم جاري ڪرڻ جُون تجويزُون ڏنيُون ويُون آهن، جڏهن ته پاڻي بچائڻ واري ٽيڪنالاجي ۽ زراعت ۾ موسمياتي مزاحمتي ٽيڪنالاجي کي ھٿي ڏيڻ، ٿر ۾ زرعي ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪرڻ، توانائي منتقلي لاءِ سي پيڪ فريم ورڪ جاري رکڻ، زرعي بائيو ماس مان بايوفيول پيدا ڪرڻ ۽ زرعي باءِ پراڊڪٽس شين جي پائيدار استعمال لاءِ نيون ٽيڪنالاجيون اختيار ڪرڻ سان گڏ، توانائي پاليسين ۽ ماحولياتي حڪمت عملين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي سفارش ڪئي وئي، ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ ماحولياتي ضابطن تي عمل ڪرڻ ۽ سي پيڪ جي ساحلي روٽ تي زميني پاڻي جي معيار جو جائزو ۽ انتظام ڪرڻ جون تجويزون ڏنيو ويون،

اھڙي ريت ٿر ۾ ڪوئلي جي زمين جي استعمال جي متوازن منصوبابندي ڪرڻ لاءِ تبديرون اختيار ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ اضافو ۽ سنڌ جي نوجوانن لاءِ مهارت جي ترقي ۽ فني تربيت ۾ واڌاري لاءِ سي پيڪ منصوبن ۾ روزگار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ جي تجويزون پيش ڪيون ويون، پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته چين پنھنجي ملڪ ۾ بياباني ۽ ساحلي علائقن ۾ ترقي وران ڪامياب تجربن جيان سنڌ جي ٿر، ڪوھستان، ڪاڇي وارين علائقن ۾ ساڳي طريقي سان سيڙپڪاري ڪري سنڌ جي انھن وسيلن جي مناسبت استعمال ۾ سھڪار ڪري، ھن چيو تہ چين ۽ پاڪستان جي سي پيڪ پروگرام ۾ ڀائيواري سان سنڌ ۾ ڪميونٽي سطح تي ننڍن منصوبن جو تجربو حاصل ٿيندو، جنھن سان سنڌ ۾ ٻھراڙي سطح تي خوشحالي وارو ماحول پيدا ٿيندو، ھن چيو ته سي پيڪ جي منصوبي سان ملڪ جي زرعي ڪاروبار، اعليٰ تدريسي سھولتن سماجي ترقي ۾ اضافو ايندو، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر انجنيئر احسان لغاري چيو ته ھن ڪانفرنس جا ھاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا، خاص طور تي بھتر زراعت لاءِ پاڻي مناسب استعمال بابت نيون تجويزون لاڀائتيُون ثابت ٿينديون، نامياري زرعي ماهر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته سي پيڪ جي ساحلي روٽ تي زميني پاڻي جي معيار جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن، ساحلي پٽي هن وقت سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وئي آهي، سي پيڪ جي ساحلي روٽ سان لاڙ خطي کي فائدو ٿيندو ۽ ڊيلٽا جي ٻيهر بحالي ۾ مدد ملندي. چين جي شيئان جياوٽونگ يونيورسٽي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏيندڙ پروفيسر ڪوان بائو جيانگ، ترڪيه جي پروفيسر ڊاڪٽر مٿت، مس لي، پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز علي کونھارو، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو، پروفيسر حامد نواز، ڊاڪٽر عبدالغفار شر، ڊاڪٽر عبداللہ سيٺار، ڊاڪٽر شوڪت ابڙو، ڊاڪٽر غلام فاطما نظاماڻي ۽ ٻين پنھنجا مقالا ۽ خطاب ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر جان محمد مري، ڊاڪتر عنايت اللہ راجپر، ڊاڪٽر غياث الدين شاھ راشدي، ڊاڪٽر منظور علي ابڙو، ڊاڪٽر ڄام غلام مرتضيٰ سھتو، ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، ڊاڪٽر اعجاز سومرو، مختلف فيڪلٽين جا ڊين، پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۽ زرعي تحقيقي ادارن سان لاڳاپيل ماھر موجُود هُئا،

ڪانفرنس جي پڄاڻي جي موقعي تي مھمانن، شرڪت ڪندڙن ۽ منتظمين کي شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.

مزید خبریں