سينچورين- 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 26 کان 30 ڊسمبر تائين سپرسپورٽ پارڪ، سينچورين ۾ کيڏي ويندي. ڏکڻ آفريقا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي -ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي چڪي آهي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 3 ٽي – ٽونٽي ميچن جي سيريز ۾ گرين شرٽس کي 2-0 تان شڪست ڏني هئي. پاڪستان جي ٽيم ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ميزبان پروٽيز ٽيم کي 3-0 تان ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو هو. ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڀلوڙ بيٽسمين شان مسعود ڪندو جڏهن ته پروٽيز ٽيم جي اڳواڻي ٽيمبابوو ماليڊ ڪندو.