حيدرآباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي بحالي واري وزير ۽ پي ڊي ايم اي چيئرمين مخدوم محبوب الزمان چيو آهي ته سنڌ ۾ ايمرجنسي ريسڪيو سروس سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪراچي سميت هاڻي ڊي ايڇ اي جي شهرين کي پڻ اها سروسز فراهم ڪري رهيا آهيون، ريسڪيو ايمرجنسي سروس 1122 کي سنڌ جي سمورن ضلعن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان حيدرآباد ۾ نياز اسٽيڊيم لڳ ڊسٽرڪٽ اسٽيشن سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 حيدرآباد جي نئين بلڊنگ جو افتتاح ڪندي ڪيو.
افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو ته سنڌ ۾ ايمرجنسي ريسڪيو سروس سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ 1122 ايمرجنسي سروس جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول يونٽ جي ڪارڪردگي کي ڏسي ان جي سروسز کي وڌيڪ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته اڄ حيدرآباد ايمرجنسي ريسڪيو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول يونٽ جو افتتاح ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي سميت هاڻي اسان ڊي ايڇ اي جي شهرين کي پڻ اها سروسز فراهم ڪري رهيا آهيون. ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ باهه لڳڻ ۽ بلڊنگ ڊهڻ جي افسوسناڪ واقعن ۾ ايمرجنسي ريسڪيو 1122 پنهنجي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. ان ريسڪيو ايمرجنسي سروس 1122 کي سنڌ جي سمورن ضلعن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو نئون ادارو آهي ان ۾ ڪم ڪندڙ فائر فائٽرز، غوطا خورن ۽ ٻين ڪم ڪندڙ رضاڪارن لاءِ انشورنس جو منصوبو پڻ آڻي رهيا آهيون جنهن جي سنڌ ڪابينا کان منظوري ورتي وئي آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم بعد صوبا خودمختيار آهن پنهنجن ادارن ۾ قانون سازي ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته ان موقعي تي صوبائي وزير کي ريسڪيو 1122 ڊائريڪٽرجنرل عابد جلال الدين شيخ ايمرجنسي آپريشن ڪنٽرول روم، ريسڪيو مشينري، فائربرگيڊ سميت ٻين اوزارن بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي. ان موقعي تي