ڪراچي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن سال پاڪستان ۾ پوليو جا 63 ڪيس سامهون آيا آهن جن مان 17 سنڌ ۾ آهن. ماحولياتي نمونن جي تجزيي ۾ وائرس جي موجودگي ظاهر ٿي آهي جنهن سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان دنيا جا آخري ٻه ملڪ آهن جتي هي موذي مرض اڃا تائين موجود آهي.هن چيو ته پوليو خلاف مهم وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ ٻارن کي ان جي تباهي واري اثر کان بچائڻ لاءِ اهم آهي. اهڙو اظهار هن ڪراچي جي اين جي وي اسڪول ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري سال جي آخري پوليو مهم جو افتتاح ڪرڻ دوران ڪيو. هن چيو ته هي پوليو مهم 16 کان 22 ڊسمبر 2024 تائين جاري رهندي. وڏي وزير پوليو ورڪرن جي حوصلا افزائي ڪندي کين پوليو جي ڪم کي ڪلاس ورڪ جيان سمجهڻ جي ترغيب ڏني. وڏي وزير ٻُڌايو ته ويڪسينيشن مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ ڄمار جي 16 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا.هن چيو ته 80 هزار فرنٽ لائن ورڪر گهر گهر ويندا ۽ ڪوشش ڪندا ته ڪو ٻار به ڦڙا پيارڻ کان نه رهجي وڃي. هن چيو ته ورڪرن جي حفاظت لاءِ سڄي سنڌ ۾ 15 هزار سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. هن ياد ڏياريو ته هي سال جي آخري پوليو مهم آهي تنهنڪري ڪوشش ڪئي وڃي ته هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ۽ ان کي سڄي ڄمار معذوري کان بچايو وڃي. ان موقعي تي صوبائي ڪوآرڊينيٽر اي او سي ارشاد سوڍڙ چيو ته مهم دوران ويڪسينيشن کان محروم ٻار ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي هيلٿ پروٽيڪشن هيلپ لائن 1166 تان مدد ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا. واٽس اپ نمبر 03467776546 تي پڻ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. صحت کاتي، ميڊيا، سماجي اڳواڻن ۽ مذهبي عالمن کي اپيل ڪئي ته هو پوليو ويڪسينيشن جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪن ۽ سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي پوليو کان پاڪ مستقبل کي يقيني بڻائين. تقريب دوران سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ۽ ٻين عملدارن پڻ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا. وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1994ع ۾ پنهنجي ڌيءَ بي بي آصفه کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جي شروعات ڪئي هئي. گذريل 8 مهينن ۾ پي ٽي آءِ جي سياست بابت پڇيل سوال تي مراد علي شاهه چيو ته سندن رويو تبديل ناهي ٿيو ۽ هنن پنهنجي غلطين مان ڪوبه سبق نه سکيو آهي. هن خبردار ڪيو ته پي ٽي آءِ قيادت هڪ شخص لاءِ خيبرپختونخواهه جي عوام کي داءَ تي نه لڳائي. مراد علي شاهه هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته حڪومت ڌاڙيلن کان آزاد ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته مون چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته اسڪول کولرايا وڃن ۽ انهن علائقن ۾ روڊ ٺهرايا وڃن. وڏي وزير يقين ڏياريو ته شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور وارن علائقن ۾ اغوا جي وارداتن ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. تقريب ۾ سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر ارشاد سوڍر ۽ اسڪول انتظاميه پڻ موجود هئي.