ڪراچي-13 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ موجود آمريڪي مشن جي وفد جيرڊ بينسن (چيف پوليٽيڪل يونٽ) ۽ مائيڪل چيڊوڪ (پبلڪ افيئرز آفيسر) جي قيادت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سنڌ اسيمبليءَ ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ صالح شاهه ۽ فريال نجيب پڻ شامل هئي. آمريڪي مشن جي وفد جي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه سان ملاقات دوران سنڌ اسيمبليءَ جي عورت ميمبرن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو جنهن تي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر ان پروگرام لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ان پروگرام کي پيپلز پارٽيءَ جي منشور جو پڻ اهم حصو قرار ڏنو. ان موقعي تي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو ته اِهو منهنجي پارٽيءَ جو مشور آهي ته عورتن کي بااختيار بڻايو وڃي ۽ هر ڪنهن سان برابري جو سلوڪ ڪيو وڃي چاهي ڪهڙي به پارٽي سان تعلق رکندڙ ڇو نه هجن. اسپيڪر چيو ته سنڌ اسيمبلي واحد صوبائي اسيمبلي آهي جتي عوامي بهتريءَ لاءِ رڪارڊ قانونسازي ٿي آهي ۽ ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن سان گڏ اپوزيشن جي ميمبرن کي پڻ عوام جي مسئلن تي ڳالهائڻ لاءِ وقت ڏنو ويندو آهي ۽ هر پارٽي کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي. هن چيو ته هو بطور ڪسٽوڊين آف هائوس سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ موجود حڪومتي ۽ اپوزيشن جي ميمبرن کي برابريءَ جي بنياد تي ڏسندو آهي ۽ سڀني جماعتن کي قانونسازيءَ لاءِ گڏ کڻي هلندا آهيون. ملاقات ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ڪيل قانونسازي، امن امان سميت صوبي جي سياست صورتحال سميت ٻين شعبن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايڪسچينج پروگرام تي پڻ ڳالهه ٻولهه سميت صوبي ۾ نوجوانن لاءِ انٽرنشپ پروگرام شروع ڪرڻ ۽ ماحولياتي تبديلي جي چئلينجز سان منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون تي پڻ زور ڀريو ويو. آمريڪي مشن جي وفد سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي ترقي پسند سوچ ۽ کنيل قدمن کي ساراهيو. اسپيڪر وفد کي سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا.