حيدرآباد-12 ڊسمبر (اي پي پي )آبپاشي کاتي جي ڪوٽڙي بئراج جي ايگزيڪٽو انجنيئر طارق اسد عرساڻي طرفان جاري هڪ نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سمورن آبادگارن ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي آگاهه ڪجي ٿو ته بئراج جي سالياني مرمت ۽ سار سنڀال جي سلسلي ۾ 25 ڊسمبر 2024 کان 10 جنوري 2025 تائين ڪوٽڙي بئراج سان لاڳاپيل سمورا ڪينال بند رهندا جن ۾ اڪرم واه، اولڊ ڦليلي، نيو ڦليلي ۽ ڪي بي فيڊرن ۾ پاڻي جا وهڪرا بند رهندا .