هراري – 12 ڊسمبر (اي پي پي) زمبابوي ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئي ميچ 13 ڊسمبر جمعي تي کيڏي ويندي. اها ميچ هراري اسپورٽس ڪلب، هراري ۾ کيڏي ويندي. ميزبان زمبابوي جي ٽيم کي مهمان افغانستان خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل آهي. افغانستان جي ٽيم پنهنجي زمبابوي جي دوري دوران ٽن ٽي 20، ٽن ون ڊي ۽ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ٽي 20 سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ 14 ڊسمبر تي کيڏي ويندي. ٽي 20 سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ٽيمن ۾ ون ڊي سيرير جي شروعات 17 ڊسمبر کان ٿيندي.