ڪينبرا-11 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي مشهور فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ چيو آهي ته هو مهمان ٽيم خلاف پنج ٽيسٽ ميچن جي بارڊر، گواسڪر ٽرافي سيريز جي ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ پڻ شاندار ڪارڪردگي جي بدولت ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. 34 سالن جي مچل اسٽارڪ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته هو مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم آهي ۽ پنهنجي ٽيم کي ڀارت …
ڀارت خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ پڻ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندس: مچل اسٽارڪ
ڪينبرا-11 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي مشهور فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ چيو آهي ته هو مهمان ٽيم خلاف پنج ٽيسٽ ميچن جي بارڊر، گواسڪر ٽرافي سيريز جي ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ پڻ شاندار ڪارڪردگي جي بدولت ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. 34 سالن جي مچل اسٽارڪ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته هو مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم آهي ۽ پنهنجي ٽيم کي ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز جي ايندڙ ميچ ۾ نه رڳو فتح پر 2-1 جي سرسي ڏيارڻ لاءِ پر عزم آهي. مچل اسٽارڪ چيو ته ڀارت خلاف ٽين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي لاءِ مربوط حڪمت عملي تحت ميدان ۾ لهندس.











