ڪابل- 10 ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جوناٿن ٽروٽ جي معاهدي ۾ وڌيڪ 12 مهينن جي واڌ ڪئي آهي، جنهن تحت هو 2025ع جي آخر تائين ٽيم جو هيڊ ڪوچ برقرار رهندو. 43 سالن جو جوناٿن ٽروٽ جيڪو افغانستان سان جولاءِ 2022ع ۾ 18 مهينن جي معاهدي سان دور شروع ڪيو جيڪو 2024ع ۾ هڪ سال لاءِ ڪيو ويو هو. افغانستان ان جي مقرري بعد کيڏيل 34 ون ڊي ۾ 14 ۽ 20 ٽي ٽونٽي ميچون کٽيون آهن. افغانستان ڪرڪيٽ لاءِ سال 2024 ع گهڻو يادگار رهيو ڇو ته هو پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽي ٽونٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل تائين پهچڻ ۾ ڪامياب رهيو هو. افغانستان ٽيم تازو ئي شارجه ۾ پهرين ڏکڻ آفريقا ۽ پوءِ بنگلاديش کي به شڪست ڏئي ڪري ون ڊي فارميٽ جي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.