ڪراچي- 09 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪرپشن اسان جي سماج ۾ ڪينسر وانگر پکڙجي وئي آهي جنھن خلاف اسان کي گڏجي جدوجھد ڪرڻ گھرجي. هن اها ڳالهه ڪرپشن خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته ڪرپشن اسان جي سماج ۾ ڪينسر وانگر پکڙجي وئي آهي ۽ ڪرپشن اسان جي ترقي کي کائي وئي آهي، سماجي ڍانچي ۽ حڪومتي نظام کي پڻ کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪرپشن خلاف سڀني کي گڏجي وڙهڻو پوندو. وڏي وزير چيو ته هن سال ڪرپشن خلاف عالمي ڏينهن ”سڀاڻي جي بچاءَ لاءِ نوجوانن کي ڪرپشن خلاف متحد ڪرڻ“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي. هي عنوان ڪرپشن خلاف نوجوانن جي قيادت جي ڪردار کي سڏي ٿو، نوجوانن کي اڄ ئي ڪرپشن خلاف اٿڻ گهرجي ته جيئن قوم جو مستقبل بچايو وڃي. سنڌ حڪومت ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس واري پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت اينٽي ڪرپشن کاتي کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ ڪيترا ئي اسڪينڊل سامھون آندا آھن، ڏوھارين کي سزائون ڏياريون آھن. هن چيو ته عوام کي ڪرپشن خلاف جنگ ۾ حڪومت جو ٻانھن ٻيلي ٿيڻ گھرجي.