ڪينبرا – 6 ڊسمبر (اي پي پي) ايسو سي ايشن آف ٽينس پروفيشنلز (اي ٽي پي ) ۽ ويمنز ٽينس ايسو سي ايشن ( ڊبليو ٽي اي ) جي اهتمام هيٺ يونائيٽڊ ڪپ جو ٽيون ايڊيشن 27 ڊسمبر کان شروع ٿيندو. اهو ٽورنامينٽ 27 ڊسمبر 2024ع کان 5 جنوري 2025ع تائين آسٽريليا جي شهر پرٿ ۽ سڊني ۾ کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ ڪامياب منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون عروج تي آهن. جرمني جي ٽيم ايونٽ ۾ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي. ٽورنامينٽ ۾ 18 مختلف ملڪن جون ٽيمون ٽائتل لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون جن کي 6 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. هر گروپ ۾ ٽن ٽيمن کي رکيو ويو آهي. گروپ اي ۾ آمريڪا ، ڪينيڊا ۽ ڪروشيا ، گروپ بي ۾ پولينڊ ، جهموريه چيڪ ۽ ناروي، گروپ سي ۾ يونان، قزاقستان ۽ اسپين، گروپ ڊي ۾ اٽلي ۽ سوئٽزرلينڊ، گروپ اي ۾ چين ، دفاعي چيمپئين جرمني ۽ برازيل جون ٽيمون شامل آهن. اهڙي طرح گروپ ايف ۾ انگلينڊ ، آسٽريليا ۽ ارجنٽائن کي رکيو ويو آهي. يونائيٽڊ ڪپ عالمي آئوٽ ڊور هارڊ ڪورٽ مينز اينڊ ويمنز ٽورنامينٽ آهي جنهن جو اهتمام ايسو سي ايشن آف پروفيشنلز (اي ٽي پي ) ويمنز ٽينس ايسو سي ايشن (ڊبليو ٽي اي ) ڪيو آهي . آر اي سي ايرينا ڪين روزوال ايرينا ۾ 27 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ ٽورنامينٽ 5 جنوري 2025ع تي ختم ٿيندو.