بلاوائيو 04 ڊسمبر (اي پي پي ) زمبابوي ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي -20 انٽر نيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ 5 ڊسمبر تي ڪوئنز اسپورٽس ڪلب بلائيو ۾ کيڏي ويندي . پاڪستان جي ٽيم کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ زمبابوي خلاف 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. گرين شرٽس پهرين ٽي – 20 ميچ ۾ 57 رنسن جڏهن ته ٻئين ٽي- 20 ميچ ۾ آساني سان 10 وڪيٽن تان هارايو هيو. ان کان اڳ پاڪستاني ٽيم ميزبان زمبابوي جي ٽيم کي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 1-3 تان هارايو هيو. ٽن ٽي – 20 ميچن جي سيريز ۾ ميزبان اسڪواڊ جي اڳواڻي سڪندر رضا ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي سلمان آغا ڪري رهيو آهي.