جوهانسبرگ-03 ڊسمبر (اي پي پي ) ڏکڻ آفريقا ۽ انگلينڊ جي عورتاڻين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 4 ڊسمبر کان کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ٽيم کي ميزبان ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيم کي ٽن ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز ۾ 3-0 تان وائيٽ واش ڪيو هيو. برطانوي عورتاڻي ٽيم ميزبان ڏکڻ آفريقا جي عورتاڻي ٽيم کي پهرين ٽي- ٽوئنٽي ميچ ۾ 4 وڪيٽن، ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ 36 رنسن جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان هارايو هيو.انگلينڊ جي وومين ٽيم هن وقت ڏکڻ آفريقا جي دوري تي آهي جتي اها ميزبان ٽيم خلاف 03 ٽي – ٽوئنٽي، ٽي ون ڊي ۽ هڪ ٽيسٽ ميچ کيڏندي .ٽي – ٽوئنٽي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڏکڻ آفريقا ۽ انگلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 4 ڊسمبر تي پهرين ون ڊي ميچ سان ٿيندي . اها ميچ ڊائمنڊ اوول ۾ کيڏي ويندي. ڏکڻ آفريقا ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ 8 ڊسمبر تي ڊربن ۾ کيڏي ويندي.