لنڊن -02 ڊسمبر (اي پي پي) ليور پول انگلش پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ دفاعي چيمپئين مانچيسٽر سٽي کي 0-2 جي گولن تان هارائي ڇڏيو، مانچيسٽر يونائيٽڊ ايورٽن کي 0-4 جي گولن تان هارائي ڇڏيو جڏهن ته چيلسي آسٽن ولا کي 0-3 گولن تان هارائي ڇڏيو. پريميئر ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن. اينفيلڊ ، ليور پول ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ ليور پول انگلش پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ دفاعي چيمپئين مانچيسٽر سٽي کي 0-2 گول تان هارائي ڇڏيو.دفاعي چيمپئين مانچيسٽر سٽي جي ٽيم ڪو به گول نه ڪري سگهي. اها ليور پول جي ليگ ۾ يارهين ڪاميابي آهي. ان ڪاميابي تي ليور پول جي ٽيم جي ٽاپ پوزيشن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي ڇڏيو آهي. اولڊ ٽريفورڊ، مانچيسٽر واري هنڌ کيڏيل هڪ ٻي ميچ ۾ مانچسيٽر يونائيٽڊ جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ايورٽن جي ٽيم کي آساني سان 0-4 گولن تان هارائي ڇڏيو.