ڪرائسٽ چرچ-29 نومبر (اي پي پي) نيوزي لينڊ جي ٽيم ڪرائسٽ چرچ ۾ جاري ٽن ميچن جي سيريز جي شروعاتي ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ خلاف پنهنجي پهرين اننگز ۾ 348رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، برطانوي ٽيم جواب ۾ ٻئي ڏينهن راند ختم ٿيڻ تائين 5 وڪيٽن جي نقصان تي 319 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ ان کي ڪيوي تيم جي اننگز جو اسڪور برابر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 29 رنسن جي ضرورت آهي. انگلينڊ جي هيري بروڪ ناقابل شڪست 132 ۽ ڪپتان بين اسٽوڪس 37 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ آهن. نيوزي لينڊ طرفان نيٿن سمٿ ٻه جڏهن ته ٽم سائوٿي، ميٽ هينري ۽ وليم اورورڪ هڪ – هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. جمعي تي هيگلي اوول، ڪرائسٽ چرچ واري هنڌ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي شروعاتي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن ميزبان ٽيم پنهنجي پهرين شاندار اننگز 319 رنسون 8 رانديگرن آئوٽ تي ٻيهر شروع ڪئي ته گلين فلپس 41 ۽ ٽم سائوٿي 10 رنسن سان ناٽ آئوٽ هئا.ڪيوي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 348 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، انگلينڊ طرفان شعيب بشير ۽ برائيڊن ڪارس، 4، 4 جڏهن ته گس انٽڪنسن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ميچ جي ٻئي ڏينهن جڏهن راند ختم ٿي ته انگلينڊ نيوزي لينڊ جي اننگز جي اسڪور 348 رنسن جي جواب ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 319 رنسون ٺاهيون هيون ۽ ان کي ڪيوي اننگز جو اسڪور برابر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 29 رنسن جي ضرورت هئي. هيري بروڪ 132 ۽ ڪپتان بين اسٽوڪس 37 رنسون سان ناٽ آئوٽ هو.