اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) روس ۾ ويٽ لفٽنگ ايسٽ ڪپ 2024ع ۾ شرڪت لاءِ محمد زبير يوسف بٽ جي قيادت ۾ پاڪستان جي 5 رڪني ويٽ لفٽنگ ٽيم روس رواني ٿي وئي آھي. اھو ايونٽ اڄ جمعي کان 3 ڊسمبر تائين شھر سيخالين ۾ منعقد ڪيو ويو آھي. اربع جي صبح پاڪستان ويٽ لفٽنگ فيڊريشن جي عبوري ڪميٽي جي ڪرنل (ر) ڊاڪٽر حافظ ظفر اقبال، آفتاب بٽ ۽ سجاد امين ائيرپورٽ تي ٽيم کي نيڪ خواھشن سان روانو ڪيو. پاڪستان ويٽ لفٽنگ ٽيم ۾ حيدر سلطان، حيدر شڪيب، دانيال آفتاب ۽ ھنزله دستگير شامل آھن. ان کان سواءِ مينيجر ۽ ڪوچ زبير يوسف بٽ انٽرنيشنل پليئر/ ريفري به ٽيم سان گڏ آھن. فارايسٽ ملڪن ۾ چين، جاپان، اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا، ٿائيليند، ڪمبوڊيا، ويٽنام ۽ ملائيشيا جون ٽيمون ان ايونٽ ۾ حصو وٺي رھيون آھن.