ڪرائسٽ چرچ-27 نومبر (اي پي پي) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽسمين جوروٽ چيو آهي ته ڪيوي ٽيم کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات ڪاميابي سان ڪنداسين. هن چيو ته نيوزي لينڊ خلاف ٽن ميچن جي سيريز لاءِ سندس ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي. ڪيوي ٽيم جو شمار ڪرڪيٽ جي دنيا جي بهترين ٽيمن ۾ ٿئي ٿو ۽ ان کي شڪست ڏيڻ آسان ناهي، جڏهن ته سندس ٽيم مخالف ٽيم خلاف ڀرپور تيار ڪئي آهي. هن چيو ته ڪيوي ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز جي شروعاتي ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندس. جوروٽ چيو ته هو مڪمل طور تي فٽ آهي ۽ ميزبان ٽيم خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ شرڪت لاءِ بي چيني سان انتظار ڪري رهيو آهي.واضح رهي ته نيوزي لينڊ انگلينڊ ٽيمن جي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ اڄ خميس کان ڪرائسٽ چرچ ۾ شروع ٿيندي.