ويلينگٽن- 22 نومبر (اي پي پي) نيوزيلينڊ اليون ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن کان اڳ ٻن ڏينهن واري وارم اپ ميچ ڇنڇر ڏينهن کان 24 نومبر تائين جان ڊيوس اوول، ڪوئنز ٽائون ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي نيوزيلينڊ جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 عالمي ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي باضابطا شروعات 28 نومبر تي شروع ٿيندڙ پهرين ميچ سان ٿيندي. اها ميچ 28 نومبر کان 2 ڊسمبر تائين هيگلي اوول، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي جنهن ۾ نيوزيلينڊ ٽيم جي قيادت مشهور بيٽسمين ٽام ليٿم ڪندو. جڏهن ته مهمان انگلينڊ جي ٽيم کي مشهور آل رائونڊر بين اسٽوڪن ليڊ ڪندو. ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جو حصو آهي. ٻنهن ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي ٻين ٽيسٽ ميچ 6 کان 10 ڊسمبر تائين بيسن ريزرو، ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 14 کان 18 ڊسمبر تائين سڊن پارڪ، هملٽن ۾ کيڏي ويندي.