ميڊرڊ- 22 نومبر (اي پي پي) دفاعي چيمپئين اٽلي ۽ آسٽريليا جون ٽيمون بهترين ڪارڪردگي سبب ڊيوس ڪپ فائنلز جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويون. دفاعي چيمپئين اٽلي جي ٽيم مارٽن ڪاپيني ايرينا، ملاگا، اسپين ۾ کيڏيل ڊيوس ڪپ فائنلز جي ڪوارٽر فائنل ۾ ارجنٽائن جي مردن جي ٽينس ٽيم کي 1-2 تان هارايو، جڏهن ته آسٽريليا جي ٽيم آمريڪي مخالف کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 گيمز ۾ شڪست ڏئي ٽاپ فور رائونڊلاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. اي ٽي پي ڊيوس پڪ فائنلز جي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو اسپين ۾ جاري آهي. اي ٽي پي ڊيوس ڪپ فائنلز جا مقابلا اسپين جي شهر ملاگا جي مارٽن ڪارپينا ۾ جاري آهن. ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ دفاعي چيمپئين اٽلي جي ٽيم بهترين راند پيش ڪندي ارجنٽائن جي مردن جي ٽينس ٽيم کي 1-2 تان هارائي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. آسٽريليا جي ٽيم آمريڪي مخالف ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 گيمن ۾ هارائي ٽاپ فور رائوند رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ڊيوس ڪپ فائنلز جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ دفاعي چيمپئين اٽلي جو مقابلو آسٽريليا سان جڏهن ته ٻئين سيمي فائنل ميچ ۾ جرمني ۽ نيدرلينڊز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.