جده- 22 نومبر (اي پي پي) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ) جي انتظام هيٺ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي 18 هين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ 24 ۽ 25 نومبر تي سعودي عرب جي شهر جده ۾ ٿيندي. انڊين پريميئر ليگ ايندڙ سال مارچ ۾ کيڏي ويندي. جنهن جي ميگا آڪشن لاءِ رانديگرن جي رجسٽريشن 4 نومبر 2024 تي بند ٿي هئي. جنهن ۾ ڏيڍ هزار رانديگرن پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو. انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) 2025ع سيزن جي ڊرافٽنگ ۾ هڪ هزار 165 ڀارتي ۽ 409 پرڏيهي رانديگر حصو وٺندا. بي سي سي آءِ موجب هڪ هزار 224 ان ڪيپڊ رانديگر جڏهن ته ايسوسي ايٽ نيشنز جا 30 رانديگر شامل آهن، جنهن ۾ ڀارت جا ڪيپڊ رانديگر يعني انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏيل 48 پليئرز، انٽرنيشنلز جو انگ 272 جڏهن ته انڪيپڊ رانديگر آءِ پي ايل يا ڪنهن سيزن ۾ کيڏيا هئا ان ۾ 152 ڀارتي ۽ 3 انٽرنيشنل پليئرزشامل آهن. آءِ پي ايل سيزن 2025ع ۾ پرڏيهي 409 پليئرز ۾ ڏکڻ آفريقا 91، آسٽريليا 76 ۽انگلينڊ جا 52 رانديگر شامل آهن، جڏهن ته فرنچائز کي 25 رانديگر رکڻ جي اجازت هوندي. آءِ پي ايل ۾ شريڪ سمورا فرنچائزز 641.5 ڪروڙ خرچ ڪرڻ جي قابل هوندا.