ميڊرڊ- 21 نومبر (ا ي پي پي) اٽلي جي ٽيم پنجون ڀيرو وومين ٽينس ايسوسي ايشن (ڊبليو ٽي اي) بلي جين ڪنگ ڪپ کٽي ورتو. ان ٽيم فائنل ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سلواڪيه جي ٽيم کي آساني سان 2-0 تان شڪست ڏئي 11 سالن بعد اهو ٽائٽل پنجون ڀيرو پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڊبليو ٽي اي بلي جين ڪپ جي 61 هين ڪپ جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا اسپين جي شهر ملاگا جي مارٽن ڪارپينا ايرينا ۾ کيڏيا پيا وڃن، جنهن جي فائنل ميچ ۾ اٽلي ۽ سلواڪيه جون عورت ٽيمون آمهون سامهون هيون. ان ڪاميابي کانپوءِ اٽلي 2013ع کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بي جين ڪنگ ڪپ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.