اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) ڏکڻ آفرقا جي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم چوٿين ٽي 20 بلائينڊ ڪر ڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهچي وئي. پاڪستان بلائينڊ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ لمٽيڊ جي صدر سيد سلطان شاهه کي ٻڌايو ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ورلڊ ٽي ٽونٽي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ لاهور ايئرپورٽ پهچي وئي، جتي پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اختيارين ان جو شاندار آجياڻو ڪيو. هن چيو ته افغانستان جي ٽيم پڻ ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي.