انٽيگا- 20 نومبر (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 22 نومبر کان سرويوين رچرڊز اسٽيڊيم نارٿ سانڊانٽيگا ۾ شروع ٿيندي. بنگلاديش جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ويسٽ انڊيز جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٻن عالمي ٽيسٽ ميچن جي سيريز کانسواءِ ٽي ون ڊي ۽ ٽي ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز به کيڏندي. ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات پهرين ميچ 22 نومبر تي ٿيندي. اها ميچ 22 کان 26 نومبر سرويوين رچرڊز اسٽيڊيم نارٿ سانڊانتيگا ۾ کيڏي ويندي. بنگلاديش ٽيم جي اڳواڻي مهدي حسن مراز جڏهن ته ميزبان ويسٽ انڊيز ٽيم کي بهترين بيٽسمين ڪريگ براٿويٽ ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 30 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين سبينا پارڪ ڪنگسٽن جميڪا ۾ کيڏيو ويندو.