پرٿ -18 نومبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ بارڊر گواسڪر ٽرافي سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 22 کان 26 نومبر تائين پرٿ ۾ کيڏي ويندي. ڀارت جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي آسٽريليا جي دوري دوران 5 عالمي ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 22 نومبر کان ٿيندي، پهرين ميچ 22 کان 26 نومبر تائين پرٿ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم بهترين بيٽسمين روهت شرما جي غير موجودگي سبب فاسٽ بالر جسپريت بمراه جي قيادت ۾ کيڏندي جڏهن ته ميزبان ٽيم آسٽريليا کي آل رائونڊر پيٽ ڪمنز ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 6 کان 10 ڊسمبر تائين ايڊيليڊ اوول، ٽين ٽيسٽ ميچ 14 کان 18 ڊسمبر تائين گابا، برسبين، چوٿين ميچ 26 کان 30 ڊسمبر تائين ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 جنوري کان 7 جنوري 2025ع تائين سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي.