ميڊرڊ-18 نومبر (اي پي پي) انگلينڊ ۽ سلواڪيه جون ٽيمون ويمن ٽينس ايسوسي ايشن (ڊبليو ٽي اي) بلي جين ڪنگ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويون، جڏهن ته دفاعي چيمپئن ڪئنيڊا ۽ آسٽريليا جون ويمن ٽيمون ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ هارائجي ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويون آهن. سلواڪيه جي ويمن ٽيم بلي جين ڪنگ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ آسٽريليا جي وومينز ٽيم کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. انگلينڊ ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ دفاعي چيمپئن ڪينيڊا جي ويمن ٽيم کي هارائي نه رڳو ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو پر ٽاپ فور رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ پڻ ڪري ورتو. ڊبليو ٽي اي بلي جين ڪنگ ڪپ جا مقابلا اسپين جي شهر ملاگا جي مارٽن ڪارپنا ايرينا ۾ کيڏيا پيا وڃن.