روم-15 نومبر(اي پي پي) اٽلي جو ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ون جينڪ سز ۽ آمريڪا جو ٽينس رانديگر ٽيلر فريٽز پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب اي ٽي پي فائنلز ۾ سيمي فائنل ۾ پهچي ويا. 23 سالن جي اٽلي جي ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ون ۽ ٽاپ سيڊڊ جينڪ سز اي ٽي پي فائنلز ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ٻي ميچ ۾ روس جي مخالف ٽينس اسٽار، فورٿ سيڊڊ ڊينيئل مدويديف کي هارايو. آمريڪا جي مخالف رانديگر 27 سالن جي ٽيلر فريٽز بهترين راند پيش ڪندي آسٽريليا جي ٽينس اسٽار ايلڪس ڊي مينور کي هارائي اي ٽي پي فائنلز جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. اي ٽي پي فائنلز گروپ ميچز اٽلي جي شهر ٽورن جي انالپي ايرينا ۾ جاري آهن. گروپ مرحلي ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ٻي ميچ ۾ اٽلي جي جينڪ سز شاندار راند پيش ڪندي روس جي مخالف ٽينس اسٽار فورٿ سيڊڊ ڊينيئل مدويديف کي هارايو. مخالف ٽينس اسٽار ۽ ورٿ سيڊڊ ڊينيئل کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-3 ۽ 6-4 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو .