نئين دهلي -15 نومبر (اي پي پي) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آئي) جي اهتمام هيٺ انڊين پريميئر ليگ (آئي پي ايل) جي 18 هين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ 24 ۽ 25 نومبر تي سعودي عرب جي شهر جده ۾ ٿيندي. انڊين پريميئر ليگ ايندڙ سال مارچ ۾ ٿيندو جنهن جي ميگا آڪشن لاءِ رانديگرن جي رجسٽريشن 4 نومبر 2024 تي بند ٿي. جنهن ۾ ڏيڍ هزار رانديگرن پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو. انڊين پريميئر ليگ (آئي پي ايل) 2025 سيزن جي ڊرافٽنگ ۾ هڪ هزار 165 ڀارتي ۽ 409 پرڏيهي رانديگر حصو وٺندا. بي سي سي آئي موجب هڪ هزار 224 ان ڪيپڊ رانديگر جڏهن ته ايسوسي ايٽ نيشنز جا 30 رانديگر شامل آهن، جنهن ۾ ڀارت جا ڪيپڊ رانديگر (يعني انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏيل 48 پليئرز، انٽرنيشنلز جو انگ 272 جڏهن ته انڪيپڊ رانديگر آئي پي ايل ڪنهن سيزن ۾ کيڏيا هئا ان ۾ 152 ڀارتي ۽ ٽي انٽرنيشنل پليئرزشامل آهن. آئي پي ايل سيزن 2025 ۾ پرڏيهي 409 پليئرز ۾ ڏکڻ آفريقا 91، آسٽريليا 76 ۽انگلينڊ جا 52 رانديگر شامل آهن، جڏهن ته فرنچائز کي 25 رانديگر رکڻ جي اجازت هوندي آئي پي ايل ۾ شريڪ سمورا فرنچائزز 641.5 ڪروڙ خرچ ڪرڻ جي قابل هوندا.