ابوظهبي-15 نومبر (اي پي پي) ايمريٽس ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) جي انتظام هيٺ ابوظهبي ٽي -20 جي اٺين سيزن جي شروعات 21 نومبر 2024ع کان يو اي اي ۾ ٿيندي. ٽورنامينٽ جي افتتاح واري ڏينهن 3 ميچ کيڏيا ويندا، ٽورنامينٽ ۾ 10 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهنديون. 12 ڏينهن جي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندڙ 10 ٽيمن ۾ دکن گليڊي ايٽرز، يوپي نوابز، چنائي بريوز، ٽيم ابوظهبي، عجمان بولٽس، ناردرن واريئرز، بنگله ٽائيگرز، نيويارڪ اسٽرائيڪرز، موريس ويل سيمپ آرمي ۽ دهلي بلز شامل آهن.