ڪولمبو – 15 نومبر (اي پي پي) سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ (سڀاڻي) 17 نومبر تي پالي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. آءِ لينڊرز کي نيوزيلينڊ خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻن ٽي- ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 1-1 تي برابري تي ختم ٿي وئي هئي. ون ڊي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 19 نومبر تي پيلي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.