ويلنگٽن-15 نومبر (اي پي پي)نيوزيلينڊ جي فاسٽ بالر ٽم سائوٿي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي. ٽم سائوٿي جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان 18 سال گڏ رهڻ سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽ نيوزي لينڊ جي نمائندگي ڪرڻ سندس خواب هو. ٽم سائوٿي ايندڙ مهيني انگلينڊ خلاف هوم گرائونڊ تي آخري ٽيسٽ ميچ کيڏندو جيڪڏهن نيوزي لينڊ ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ لاءِ ڪواليفائي ڪيو ته هو ٽيم کي دستياب هوندو. واضح رهي ته ٽم سائوٿي کي 104 ٽيسٽ، 116 ون ڊي ۽ 126 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ نيوزي لينڊ جي نمائندگي ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي.