برسبين (اي پي پي )پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – 20 انٽر نيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ خميس 14 نومبر تي برسبين ۾ کيڏي ويندي . ٻئي ٽيمون برسبين پهچي ويون آهن . ٽي – ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان جي قيادت وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ڪندو جڏهن ته ميزبان آسٽريلوي ٽيم جي قيادت جوش انگلس ڪندو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄلڪهه آسٽريليا جي دوري تي آهي جتي اها ميزبان ٽيم خلاف ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي چڪي آهي . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلي جي اميد ڪئي پئي وڃي.