ڪولمبو _ 12 نومبر (اي پي پي) سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ڏينهن واري عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اربع 13 نومبر تي نگيري دمبولا انٽر نيشنل اسٽيڊيم، دمبولا ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻن ٽي 20 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابري تي ختم ٿي هئي.