بيسبين-11 نومبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽونٽي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 14 نومبر تي دي گابا، برسبين ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا جي دوري تي آهي، جتي هو ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي جنهن ۾ گرين شرٽس ڪينگروز کي 2-1 تان هارايو هو. پاڪستان 22 سالن کان پوءِآسٽريليا کي هوم گرائونڊ تي ون ڊي سيريز ۾ هارايو، آسٽريليا پاڪستان کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ ٻن وڪيٽن تان هارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي پوءِ ٽئين ون ڊي ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان هارائي پنهنجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان جي ٽيم 22 سالن کان پوءِ آسٽريليا کي ون ڊي سيريز ۾ هوم گرائونڊ تي هارايو. پاڪستاني ٽيم ون ڊي سيريز کانسواءِ ٽن ٽي ٽونٽي بين الاقوامي ميچن جي سيريز به کيڏيندي جنهن لاءِ پاڪستاني جي ٽيم برسبين پهچندي، جتي ٽن ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز جي فائنل ميچ 18 نومبر تي بيلر يو اوول هوبارٽ ۾ کيڏي ويندي.