بارباڊوس _11نومبر (اي پي پي) انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر جي شاندار بيٽنگ سبب انگلينڊ ويسٽ انڊيز کي ٻي ٽي – 20 عالمي ڪرڪيٽ ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. ويسٽ انڊيز جي ٽيم اڳ ۾ کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ انگلينڊ جي ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 159 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو بعد ۾ انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر جي تيز ترين 83 رنسن سبب 14.5 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. انگلينڊ جي جوز بٽلر کي شاندار بيٽنگ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.