بارباڊوس -08 نومبر (اي پي پي)ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 10 نومبر تي ڪنگسٽن اوول ، برج ٽائون ، بار باڊوس ۾ کيڏي ويندي . ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ميزبان ويسٽ انڊين مهمان انگلينڊ جي ٽيم 2-1 تان پنهنجي نالي ڪئي آهي . ميزبان ويسٽ انڊيز ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي پر ٻي ون ڊي ميچ ۾ مهمان انگلينڊ ٽيم ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي جاندار ڪم بيڪ ڪيو . ٽئين ۽ فيصلائتي ون ڊي ميچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ويسٽ انڊيز ٽيم انگلينڊ کي نه رڳو 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني پر ٽن ميچن جي سيريز پڻ 2-1 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي . ون ڊي سيريز مڪمل ٿيڻ بعد ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 10 نومبر تي ڪنگسٽن اوول، برج ٽائو بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي ، ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ 11 نومبر تي ڪنسنگٽن اوول ، برج ٽائون، بار باڊوس ۾ کيڏي ويندي ، ٽئين ٽي – ٽوئنٽي ميچ 15 نومبر تي ڊيرن سيمي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ، گروس آئيليٽ ، سينٽ لوشيا ۾ کيڏي ويندي ، چوٿين ٽي -ٽوئنٽي ميچ 7 نومبر تي ڊيرن سيمي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ، گروس آئيليٽ ، سينٽ لوشيا ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 18 نومبر تي ڊيرن سيمي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ، گروس آئيليٽ، سينٽ لوشيا ۾ کيڏي ويندي.