شارجه 08 نومبر (اي پي پي) افغانستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ڇنڇر 9 نومبر تي شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم،شارجه ۾ کيڏي ويندي. ميزبان افغانستان جي ٽيم کي مهمان ٽيم خلاف سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. افغانستان جي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي 92 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ٻئي ٽيمون اڄڪلهه يو اي اي ۾ موجود آهن ۽ اهي پنهنجي شارجه جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ پنجن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏنديون. افعانستان۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻئين ميچ اڄ ڇنڇر تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 11نومبر تي کيڏي ويندي.