لنڊن _ 08 نومبر (اي پي پي ) انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ 09 نومبر تي وڌيڪ 6 ميچن جو فيصلو ٿيندو . اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ برينٽ فورڊ ۽ بورن مائوٿ جي ٽيمن وچ ۾ جي ٽيڪ ڪميونٽي اسٽيڊيم، برينٽ فورڊ، انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ ڪرسٽل پيلس ۽ فلهم جي ٽيمن وچ ۾ سيلهر سٽ پارڪ لنڊن، انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ميچ ۾ ويسٽ هيم يونائيٽيڊ ۽ ايورٽن جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ لنڊن اسٽيڊيم، لنڊن ۾ کيڏي ويندي . چوٿين ميچ وولور هيمپٽن ۽ سائوٿمپٽن جي ٽيمن وچ ۾ مولينڪس اسٽيڊيم، وولور هيمپٽن، انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي، پنجين ميچ برائٽن اينڊ هووالبيون ۽ دفاعي چيمپئن مانچسٽر سٽي جي ٽيمن وچ ۾ آمريڪن ايڪسپريس اسٽيڊيم، فالمز انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته اڄ 9 نومبر تي کيڏي ويندڙ ڇهين ۽ آخري ميچ ليور پول ۽ آسٽن ولا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي ۽ اها ميچ اينفيلڊ ليور پول ۾ کيڏي ويندي. انگلش پريميئر فٽ بال جي 33 هين سيزن جي شروعات ٿي چڪي آهي جيڪا مجموعي طورتي ٽاپ فلائٽ انگلش فٽ بال جو 126 هون ايڊيشن آهي. اي پي ايل ۾ شامل 20 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ زور آزمائي رهيون آهن جن ۾ دفاعي چيمپئن مانچسٽر سٽي، بورن ماٿ، آرسنل، آسٽن ولا، برينٽ فورڊ، برائٽن اينڊ هوو البيون، چيلسي، ڪرسٽل پيلس، ايورٽن، فلهم، ايپسوچ ٽائون، ليسٽر سٽي، ليور پول، مانچسٽر يونائيٽيڊ، نيو ڪيسل، ناٽنگهم فارسٽ، ساٿمپٽن، ٽوٽنهم هاٽ پور، ويسٽ هيم ۽ وولور هيمپٽن شامل آهن.