ڊربن-07 نومبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ ڀارت جي ڪرڪٽ ٽيمن وچ ۾ چئن ٽي ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز جي پھرين ميچ 8 نومبر جمعي ڏينهن ڪنگزميڊ، ڊربن ۾ کيڏي ويندي ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم هن وقت ڏکڻ آفريقا جي دوري تي آھي، جتي ڀارتي ٽيم ميزبان پروٽيز ٽيم خلاف چئن عالمي ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. ڀارتي ٽيم جي قيادت سوريا ڪمار ياديو ڪندو ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ايڊن مارڪرم جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي. ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ 4 ٽي ٽوئنٽي ڪرڪٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 8 نومبر تي پھرين ميچ سان ٿيندي جيڪا ڪنگزميڊ، ڊربن ۾ کيڏي ويندي.ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ 10 نومبر تي سينٽ جارج پارڪ، ڪيبيخا ۾ کيڏي ويندي، ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ 13 نومبر تي سپر اسپورٽس پارڪ، سنچورين ۾ کيڏي ويندي، اھا ميچ رات جو کيڏي ويندي ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي جڏھن ته چوٿين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 15 نومبر تي وانڊر رز اسٽيڊيم، جوھانسبرگ ۾ کيڏي ويندي ۽ اھا ميچ پڻ رات جو ٿيندي ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي.