اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جو محمد آصف آءِ بي بي ايس ايف مينز عالمي اسنوڪر چيمپئن شپ کٽي ٽيون ڀيرو عالمي اسنوڪر چيمئپن بڻجي ويو. ڪالهه دوحه ۾ کيڏيل فائنل ۾ پاڪستان جي محمد آصف ايران جي علي گهراه گوزلو کي 5-3 تان هارائي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو. محمد آصف ايران جي رانديگر کي 25-70، 87-7(84)82، (56)106، 8-(106)91-43، 12-82، 08- (58)، 118-0، 93(80)4- اسڪور تان شڪست ڏني. قطر مان مليل اطلاع موجب محمد آصف 9 فريمز تي ٻَڌل فائنل ۾ به پنهنجي شاندار ڪارڪردگيءَ جو تسلسل جاري رکندي مخالف رانديگر کي هارائي ڇڏيو. محمد آصف ان فتح سان ئي ڀارت جي پنڪج ايڊواني جو ٽي ڀيرا عالمي ٽائٽل کٽڻ جو رڪارڊ به برابر ڪري ڇڏيو. هن قبرص جي رانديگر مائيڪل جورجيو کي دلچسپ راند کانپوءِ 5-3 تان شڪست ڏئي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي. فيصل آباد سان تعلق رکندڙ محمد آصف پهريون ڀيرو 2012ع ۾ آءِ بي بي ايس ايف عالمي اسنوڪر چيمپئن شپ کٽي آهي، جڏهن ته 2019ع ۾ ٻيو ڀيرو عالمي چيمپئن بڻيو هو. ان کان اڳ عالمي چيمپئن شپ ۾ محمد آصف گڏيل عرب امارات جي رانديگر محمد شهاب کي 4-1 تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ بڻائي. ٻئي پاسي پاڪستان اسنوڪر اينڊ بليئرڊ ايسوسيئيشن جي چيئرمين عالمگير شيخ ۽ ٻين عهديدارن محمد آصف کي شاندار فتح تي مبارڪون ڏنيون ۽ کيس پاڪستان لاءِ تمام وڏو اعزاز قرار ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پيرس اولمپڪس ۾ جيولين ٿرو ۾ سونو ٻِلو کٽيندڙ ارشد نديم وانگر لڳاتار ٽيون ڀيرو عالمي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪندڙ محمد آصف کي به شهرت ملندي ۽ کيس انعامن سان نوازيو ويندو.