اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ چوٿين ٽي – ٽوئنٽي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي ٽيمن جي آمد جو سلسلو 16 نومبر کان شروع ٿيندو. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ لميٽيڊ جي صدر سيد سلطان شاهه اربع ڏينهن تي اي پي پي کي ٻڌايو ته ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ افغانستان جي ٽيم 16 نومبر تي پاڪستان پهچندي. جڏهن ته ٻيون پرڏيهي ٽيمون 20 ۽ 21 نومبر تي پاڪستان مرحليوار پهچنديون. هن چيو ته سمورين پرڏيهي ٽيمن لاءِ ڀرپور سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ورلڊ بلائينڊ ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 22 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين لاهور ۽ ملتان ۾ منعقد ڪيو ويندو، جنهن جي افتتاحي تقريب 22 نومبر تي لاهور ۾ ٿيندي جنهن ۾ خاص مهمان پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف هوندي. ايونٽ جو سيمي فائنل مقابلو پهرين ڊسمبر ۽ جڏهن ته فائنل 3 ڊسمبر تي معذورن جي عالمي ڏينهن تي کيڏيو ويندو. هن چيو ته بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 7 ٽيمون حصو وٺنديون جنهن ۾ ميزبان پاڪستان کانسواءِ افغانستان، ڀارت، بنگلاديش، سريلنڪا، ڏکڻ آفريقا ۽ نيپال جون ٽيمون شامل آهن. ايونٽ جي تياري لاءِ قومي رانديگرن جو تربيتي ڪيمپ ميرپور آزاد ڪشمير ۾ جاري آهي. ورلڊ ڪپ جون 15 ميچون لاهور جڏهن ته 9 ميچون ملتان ۾ کيڏيون وينديون. هن چيو ته ورلڊ ڪپ لاءِ پي سي بي 3 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا آهن.