لنڊن _ 6 نومبر (اي پي پي ) ليور پول يوئيفا چيمپئينز ليگ جي هڪ ميچ ۾ بائر ليور ڪوسن کي هڪ طرفي مقابلي بعد 4-0 گولن تان هارائي ڇڏيو. لوئس ڊياز پنهنجي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي جڏهن ته ڪوڊي گڪپو هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اها ليور پول جي يوئيفا چيمپئينز ليگ ۾ مسلسل چوٿين فتح آهي ۽ ليور پول جي ٽيم …
يوئيفا چيمپئينز ليگ ۾ ليور پول بائر ليور ڪوسن کي آساني سان 4-0 گولن تان هارائي ڇڏيو
لنڊن _ 6 نومبر (اي پي پي ) ليور پول يوئيفا چيمپئينز ليگ جي هڪ ميچ ۾ بائر ليور ڪوسن کي هڪ طرفي مقابلي بعد 4-0 گولن تان هارائي ڇڏيو. لوئس ڊياز پنهنجي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي جڏهن ته ڪوڊي گڪپو هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اها ليور پول جي يوئيفا چيمپئينز ليگ ۾ مسلسل چوٿين فتح آهي ۽ ليور پول جي ٽيم ٽاپ پوزيشن تي برقرار آهي . اينفيلڊ ليور پول انگلينڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ليور پول ۽ بائر ليور ڪوسن جون ٽيمون آمهون سامهون هيون. ميچ جي پهرين هاف تي ڪا ٽيم گول نه ڪري سگهي ۽ ميچ جو پهريون هاف ڪنهن گول کانسواءِ ختم ٿي ويو. ليور پول جي يوئيفا چيمپئينز ليگ ۾ لڳاتار چوٿين فتح آهي ۽ هو 12 پوائنٽس سان ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن تي آهي.











