لنڊن- 05 نومبر (اي پي پي) فلهم جي ٽيم پريمئير ليگ جي هڪ ميچ ۾ سخت مقابلي بعد برينٽ فورڊ کي 2-1 گول تان هارائي ڇڏيو . انگلش ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن. ڪريون ڪاٽيج، لنڊن، انگلينڊ ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ فلهم انتهائي سخت مقابلي بعد برينٽ فورڊ جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان هارائي ڇڏيو. فلهم طرفان هيري ولسن ٻئي گول ميچ جي آخري وقت ۾ اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. برينٽ فورڊ طرفان واحد گول وٽالي جيلنٽ اسڪور ڪيو. ڪريون ڪاٽيج،لنڊن ۾ کيڏيل ميچ ۾ فلهم ۽ برينٽ فورڊ جون ٽيمون آمهون سامهون هيون جنهن ۾ انتهائي سخت مقابلو ڏسڻ لاءِ مليو.